بيوقوفن جو بادشاهه

بيوقوفن جو بادشاهه (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب محمد بخش جوهر جو جاسوسي ناول آهي. ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جو ڪچو جلد آهي، جنهن ۾ 18 صفحا آهن ۽ قيمت 5 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، آر. ايڇ احمد ائنڊ برادرس، اسٽئنڊرڊ پريس، حيدرآباد مان ڇپايو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ڪرائون سائيز ۾، ڪچي جلد سان آهي، جنهن ۾ 20 صفحا آهن ۽ قيمت 31 پئسا ڄاڻايل آهي. هيءُ ڇاپو به، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، مدينه پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 62- 1961ع ۾ ڇپايو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو